اسحاق انصاري

اسحاق انصاري

اسحاق انصاري ڊاڪٽر

اسحاق انصاري، ڊاڪٽر: ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر اسحاق انصاري 4 مارچ 1960ع تي انيس انصاريءَ جي گهر ۾، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج مان بي ايس سي ڪرڻ کان پوءِ 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي (اسٽيٽسٽڪس) جي ڊگري فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. ان ئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاهه عبداللطيف ڪئمپس خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس (شماريات) شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ساڳئي سال سندس پھريون ڊرامو ”پل ۽ پھر“ پي ٽي وي تان نشر ٿيو. جلد ئي سندس ٻيو ڊرامو ”چھرا چھرا چنڊ“ پڻ پي ٽي وي تان نشر ٿيو. جنوري 1990ع ۾ ڪلچرل ايڪسچينج اسڪالرشپ تحت ان وقت جي چيڪو سلوواڪيا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو، جتي هن پھرين ”سلووڪ ٻوليءَ“ ۾ ڊپلوما ڪئي ۽ 1995ع ۾ هو پي ايڇ ڊي ڪري واپس وطن وريو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ جو ايسوسيئيٽ پروفيسر رهي چڪو آهي ۽ ٽن ٽن سالن تائين ٻه ڀيرا شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو چونڊيل ميمبر رهيو. 1999ع ۾ بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪراچيءَ ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر طور ڀرتي ٿيو، جتان هن 2020ع ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور رٽائر ڪيو آهي. هو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فيڊرل اردو يونيورسٽي، زيبسٽ، بزيٽڪ ۽ سي. بي. ايم ادارن جو ريسرچ گائيڊ به آهي ۽ ٽرينر طور بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي آفيسرن کي ٽريننگ ڏيندو رهيو آهي. اسحاق انصاريءَ جي پھرين لکڻي ’گل ڦل‘ ۾ 1973ع ۾ شايع ٿي. تنھن کان پوءِ هو مسلسل سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون مقالا ۽ ڪھاڻيون لکندو رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”خالي بينچ“ (ناول 2000ع، جنھن جا هن وقت تائين ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن)، ”پرين هُن پار“ (سفرنامو: 2008ع)، ”نڪري پيس نيپال ڏانھن“ (سفرنامو: 2013ع)، ”پيار درياهه“ (ناول: 2016ع) شامل آهن. ان کان علاوه سينٽ ايسڪپيريءَ جي ڪتاب جو ”ننڍڙو شھزادو“ جي نالي سان ترجمو ڪري ڇپايو اٿس. اسحاق انصاري ادب کان علاوه فوٽوگرافي، راندين ۽ سير سياحت ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وقت تائين هو 24 ملڪن جي سياحت ڪري چڪو آهي، مختلف بين الاقوامي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪري چڪو آهي. هن وقت هو بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جو ڊائريڪٽر جنرل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.03.04  عيسوي

ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر اسحاق انصاري 4 مارچ 1960ع تي انيس انصاريءَ جي گهر ۾، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم شاهه وڄڙي
جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان
ايس جي ڀاڳيا
حافظ محمد 2
سردار سلطان احمد خان
شيخ عبدالرئوف
طاهره واسطي
علياڻي محمد ڄام
احسان بدوي
ابوالفضل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون